نوان يونٽ ’اتفاق راءِ‘ ۽ ’عوامي مرضي‘ بنا نه ٺهندا، نقوي

لاهور:گهرو وزير محسن نقوي ڇنڇر ڏينهن چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪو به نئون انتظامي يونٽ ان وقت ئي قائم ڪيو ويندو، جڏهن عوام اهڙي قدم جي حمايت ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو.
لاهور ۾ نيشنل پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته، ”ري سيٽ جو مطلب نظام کي ٽوڙڻ ناهي. ڪنهن به صورت ۾ ان جو مطلب نظام کي ٽوڙڻ ناهي. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪو ڪجهه غلط آهي، ان کي تبديل ڪيو وڃي.“
نقوي زور ڏيندي چيو ته تبديليون ”سياسي اتفاقِ راءِ“ ۽ ”عوام جي مرضي مطابق“ آنديون وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن قوم نوان انتظامي يونٽ نٿي چاهي ته اهي قائم نه ڪيا ويندا.
هن واضح ڪيو ته اهڙي تبديلي صرف ڪنهن هڪ فرد، سياسي پارٽي يا حڪومت جي مرضيءَ سان نٿي آڻي سگهجي.
هن چيو ته، ”۽ اهو صرف ان صورت ۾ ٿيندو، جڏهن عوام ان کي چاهي ۽ ان لاءِ رضامندي ڏي.“
گهرو وزير نون انتظامي يونٽن جي مثبت ۽ منفي پاسن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو، ”هڪ تجويز تيار ڪري عوام آڏو پيش ڪريو ۽ انهن کان پڇو ته هو ان کي قبول ڪن ٿا يا نه.“
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڪيترا نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن ۽ انهن جون علائقائي حدون ڪهڙيون هجن، ته نقوي انهن جي ”فائدن، طريقيڪار ۽ مالي نتيجن“ جو جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن چيو، ”سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان جي پارليامينٽ، ماهرن ۽ ان معاملي جا ذميوار ماڻهو ان تي بحث ڪن ۽ آخرڪار اسان کي عوام جي راءِ وٺڻي پوندي.“
وزير واضح ڪيو ته گذريل مهيني سندس ڏنل بيان ڪنهن خاص سياسي پارٽي بابت نه هو، پر ان ”نظام“ بابت هو، جيڪو ملڪ جي آزاديءَ کان وٺي لاڳو آهي.
نقوي تجويز ڪيل انتظامي سڌارا آئين مطابق ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو، ”اهو جمهوري ذريعن سان ئي ڪرڻو پوندو.“
هن چيو، ”ڪنهن به صورت ۾ اسان اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون ته اسان ايترا نااهل ٿي ويا آهيون جو هن نظام کي ري سيٽ به نٿا ڪري سگهون.“ هن سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته ان معاملي تي غور ۽ بحث ڪن.
گهرو وزير چيو ته هو هن خيال کان دستبردار نه ٿيندو، جڏهن ته هن وڌيڪ چيو ته انتظامي يونٽن بابت ڪيترائي ”جذباتي“ بيان ڏنا پيا وڃن.
هن سياستدانن تي زور ڏنو ته هن موضوع تي جذباتي نه ٿين، ڇاڪاڻ ته اها اهڙي تبديلي ناهي جيڪا رات وچ ۾ اچي وڃي.
وزير جو چوڻ هو ته ملڪ جو انتظامي نظام پنهنجي اثرائتي وڃائي چڪو آهي ۽ ان جو ”اثر عوام تائين بلڪل به نٿو پهچي“.
انتظامي مسئلن جو اعتراف ڪندي نقوي چيو، ”اڄ به هر 10 ٻارن مان چار ٻار گهربل تعليم حاصل نٿا ڪن. اڄ آباديءَ جي صرف 55 سيڪڙو ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي دستياب آهي، ۽ اسان جي عدالتن ۾ اڃا تائين 20 لک ڪيس التوا ۾ آهن.“
هن چيو ته اهي ئي مسئلا آهن، جن کي حڪومت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
پاڻ کي ”اسلام آباد صوبي جو سڀ کان وڏو حامي“ قرار ڏيندي نقوي وفاقي گادي واري هنڌ کي نيشنل فنانس ڪميشن (NFC) ايوارڊ مان ان جو حصو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
هن چيو، ”اسلام آباد واحد شهر آهي، جنهن کي پاڪستان جي بجيٽ مان هڪ رپيو به نٿو ملي.“ هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد کي صوبو قرار ڏيڻ سان ان جي شهرين کي سندن حق ملندا.
وزير اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ۾ آباديءَ جي عنصر کي به اجاگر ڪيو ۽ چيو ته اهو صوبن لاءِ هڪ ”ترغيب“ طور موجود آهي.
هن چيو، ”اها ترغيب اڄ به موجود آهي، ته پوءِ ڇا اسان ان بم جي ڦاٽڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون؟ ڇا ان نظام کي ري سيٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي؟“
نقوي وڌيڪ چيو، ”حڪومتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون؛ پاليسيون تبديل ٿينديون رهن ٿيون؛ بجيٽون اينديون ۽ وينديون رهن ٿيون؛ ۽ اسان منصوبا ٺاهيندا رهون ٿا. پر سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته آخر ۾ اسان ڪيترو عملدرآمد ۽ نتيجا ڏيڻ جي قابل ٿيون ٿا.“
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان وٽ موجود سمورين صلاحيتن جي باوجود ”اسان کي اڃا تائين نتيجا نٿا ملن، ته پوءِ ان (نظام) کي ري سيٽ ڪرڻ ضروري آهي.“
نيويارڪ شهر جي ميئر زهران ممداني جو مثال ڏيندي نقوي چيو ته جيڪي سياستدان ميئر بڻجي اقتدار ۾ اچن ٿا، اهي پنهنجي شهرين ۽ انهن جي مسئلن کي سڀ کان بهتر ڄاڻن ٿا.
وزير زور ڏيندي چيو ته تجويز ڪيل سڌارن جو مقصد عوام کي بااختيار بڻائڻ هوندو. هن چيو ته سنڌ، سنڌ ئي رهندو ۽ پنجاب، پنجاب ئي رهندو. هن عوام کي يقين ڏياريو ته، ”ڪنهن کي به پنهنجي سڃاڻپ ڇڏڻ لاءِ نه چيو ويندو.“
هن وڌيڪ چيو ته تجويز ڪيل سڌارن بابت بحث نسلن، قبيلن يا علائقائي ورهاست جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو، ”ان جو مقصد بهتر حڪمراني، هڪ قابل نظام ۽ عوام کي حڪومت جي وڌيڪ ويجهو آڻڻ آهي.“
پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪندي نقوي ٻيهر چيو، ”ڪنهن به صورت ۾ اسان کي عوام جي مرضي کان هٽي نه وڃڻ گهرجي. سمورين سياسي پارٽين کي هن معاملي تي غور ۽ بحث ڪرڻو پوندو. اهو ڪنهن هڪ شخص جو مسئلو يا ڪنهن هڪ صوبي جو فيصلو نٿو ٿي سگهي.“
هن وڌيڪ چيو، ”جيڪڏهن عوام اهو چاهي ٿو، ته پوءِ ڪجهه به ٿئي، اهو ضرور ٿيندو.“
جولاءِ ۾ نقوي موجوده حڪومتي نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي تجويز ڏني هئي. ان سان گڏ هن نون صوبن ۽ هنگامي بنيادن تي انتظامي سڌارن جو پڻ مطالبو ڪيو هو.
سندس انهن بيانن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ شديد بحث شروع ٿي ويو هو. پيپلز پارٽي اهو معاملو پنهنجي اعليٰ فيصلا ساز فورم ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو، سنڌ جي وڏي وزير ان تجويز کي صاف لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو هو، لاهور جي وڪيلن ان کي غير آئيني قرار ڏنو هو، جڏهن ته سنڌي قومپرست گروپن گهرو وزير کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو. ياد رهي ته هن ’قومي ڊائلاگ‘ ۾ سنڌين جي ڪا بن نمائندگي شامل نه هئي.

تبصرے بند ہیں۔