اتروزيرستان: سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي، انتهائي گهربل 4 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور:  اتر وزيرستان جي علائي سپين وام ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، انتهائي گهربل دهشتگرد خارجي اڳواڻ عمر عرف جان مير عرف ثاقب تور 4 دهشتگردن سميت مارجي ويو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب خارجي اڳواڻ عمر عرف جان مير عرف ثاقب نور جي مٿان 30 لک روپيه قيمت مقرر ڪئي وئي هئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل فتنته الخوارج جو اڳواڻ سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي ڪيترن ئي دهشتگرد حملن جو ماسٽر مائنڊ هو. خارجي عمر عرف ثاقب نور سپين وام ۾ بوبالي مسجد جي چوڌاري علائقي ۾ زمين اندر بنڪر، سرنگون ۽ بارودي ڄار وڇائي رکيو هو.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز گڏيل حڪمت عملي جي تحت دهشتگردن کي گهيري ۾ آڻي آپريشن ڪيو. ماهرن موجب فتنته الخوارج جي دهشتگرد اڳواڻ جي مارجي وڃڻ سان علائقي ۾ امن بحال ٿيندو. ماهرين جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ خوارجي اڳواڻ جو مارجي وڃڻ دهشتگردن جو وڏو نقصان آهي. جڏهن ته آپريشن عزم استحڪام جي تحت فتنته الخوارج ۽ فتنته الهندستان جي خلاف آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي.

تبصرے بند ہیں۔