آسٽريليا پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ميلبرن : ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آسٽريليا پاڪستان ۾ ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز کيڏڻ جو پروگرام رکي ٿو. آسٽريليا بنگلاديش جي دوري لاءِ وائيٽ بال ٽيمن جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آسٽريليا بنگلاديش ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏڻ جو پروگرام رکي ٿو.مچل مارش پاڪستان سان ون ڊي سيريز ۾ آسٽريليا جي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو.ان کان علاوه، ايليڪس ڪيري، نيٿن ايلس، ڪيمرون گرين، جوش انگلس، ميٿيو ڪاهنيمن، مارنس لابسچن، رائلي ميريڊٿ اولپڪ، ميٿيو رينشا، تنوير سنگها، ليام اسڪاٽ، ميٿيو شارٽ، بلي اسٽينليڪ ۽ ايڊم زمپا پڻ آسٽريليا جي ٽيم ۾ شامل آهن.

تبصرے بند ہیں۔