صوماليه پاڪستاني يرغمالين جي محفوظ واپسي جي يقين دهاني ڪرائي ڇڏي

موغاديشو: صومالي قزاقن پاران 10 پاڪستانين جي اغوا کانپوءِ صومالي حڪومت پاڪستان کي پنهنجي تعاون جو لکت ۾ يقين ڏياريو آهي.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته صومالي حڪومت پاڪستاني شهرين جي محفوظ واپسي لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.
پاڪستان صوماليا جي حڪومت سان 10 پاڪستانين جي اغوا جو معاملو اٿاريو هو.
وفاقي وزير بحري معاملن جنيد جنيد انور چوڌري پڻ ان حوالي سان صومالي سفير کي هڪ خط موڪليو، جنهن جي صومالي پرڏيهي وزارت وصولي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته صورتحال جو احتياط سان جائزو ورتو پيو وڃي.
ياد رهي ته صومالي قزاقن پاران آنر 25 جهاز تي قبضي کان پوءِ 10 کان وڌيڪ پاڪستاني عملو ميمبر، جن ۾ ڪراچي جا ماڻهو به شامل آهن، يرغمال بڻيل آهن.
يرغمال بڻايلن جا خاندان سخت پريشان آهن ۽ حڪومت کان فوري مدد جي اپيل ڪئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔