ابو ظهبي : گڏيل عرب امارتن تيل پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن جي تنظيم اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس کان عليحدگيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اماراتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو پهرين مئي 2026 کان لاڳو ٿيندو، ان فيصلي سان عالمي تيل مارڪيٽ تي به اثر پوڻ جا امڪان آهن. اماراتي ميڊيا موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته يو اي اي تيل جي وڪري جي پاليسي ۾ خود مختياري حاصل ڪندو.واضح رهي ته تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ جو قيام 1960 ۾ عمل ۾ آيو هو، سعودي عرب، ايران، عراق ۽ ڪويت اوپيڪ جا اهم رڪن آهن.اوپيڪ پلس جو قيام 2016 ۾ عمل ۾ آيو هو، جڏهن اوپيڪ ملڪن ۽ نان اوپيڪ ملڪن ۾ اتحاد ٿيو، ان ۾ روس سميت ٻيا ملڪ شامل آهن.عالمي خام تيل جي منڊي تي هڪ اهم آمريڪي نيوز ويب سائيٽ مطابق، اوپيڪ جي ٽئين وڏي تيل پيدا ڪندڙ تنظيم مان نڪرڻ جو اعلان هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن عالمي تيل جي منڊي اڳ ئي غير مستحڪم آهي. ايران-ايران جنگ پنهنجي نائين هفتي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ آبناءِ هرمز عملي طور تي بند آهي، جڏهن ته ڪچي تيل جي قيمت 110 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي چڪي آهي.رپورٽ موجب، يو اي اي اهو فيصلو اوچتو نه ڪيو، پر ڪافي عرصي کان ان جي تياري ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته پيداوار جي حدن جي مسئلي تي سعودي عرب سان ان جا اختلاف وڌي رهيا هئا. اوپيڪ+ معاهدي تحت، امارات جي پيداوار تقريباً 3 ملين بيرل في ڏينهن تائين محدود هئي، جڏهن ته ان جي اصل گنجائش 4 ملين بيرل في ڏينهن کان وڌيڪ آهي ۽ امارات 2027 تائين پيداوار کي 5 ملين بيرل في ڏينهن تائين وڌائڻ چاهي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔