اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، جمعي تي ٻيهر قيمتون مقرر ڪنداسين.
وفاقي ڪابينه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، جمعي تي قيمتون ٻيهر مقرر ڪنداسين، هن وقت چيلنجنگ صورتحال آهي، ٽاسڪ فورس روزاني جي بنياد تي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي.
وزيراعظم چيو ته ڏينهن رات محنت ڪندي مسئلن کي حل ڪري رهيا آهيون، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن جي سبسڊي برقرار رکڻ جي لاءِ صوبن سان مشاورت جاري آهي.
وزيراعظم ايران جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ايندهن جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته هاڻ صورتحال تسلي بخش نظر اچي رهي آهي. عالمي منڊين ۾ تيل جون قيمتون آسمان تي پهچي رهيون آهن، اسان جو جنگ کان پهريان هفتيوار تيل جو بل 300 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ هو اڄ اهو 500 ملين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. ملڪ جي تيل جي کهپت گذريل هفتن جي مقابلي ۾ گهٽ ٿي آهي، صورتحال جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي پئي وڃي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جنگ شروع ٿيڻ کان پهريان پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ محاذ تي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو هو، جنگ شروع ٿيڻ سان اسان جي ٻن سالن جي ڪوششن کي جهٽڪو لڳو آهي.
تبصرے بند ہیں۔