ريڊ لائن تي 48 ڪلاڪن اندر ڪم شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي : سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اهي ريڊ لائين منصوبي تي 48 ڪلاڪن اندر ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته ريڊ لائين منصوبو واحد منصوبو آهي جنهن ۾ عوام کي تڪليف ٿي رهي آهي. سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا لاٽ ون ۽ لاٽ ٽو کي وقت تي ڪم ڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو آهي. لاٽ ٽو کان شڪايت هئي ته اهي ڪم صحيح طريقي سان نه ڪري رهيا آهن. ريڊ لائين منصوبي تي ڪم صحيح طريقي سان نه ٿي رهيو هو، تنهن ڪري حڪومت معاهدو ختم ڪيو.شرجيل ميمڻ چيو ته اسان اهو قدم ايشيائي ترقياتي بينڪ سان صلاح مشوري سان کنيو آهي. حڪومت هن ڪوريڊور کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته اهي ريڊ لائين منصوبي تي 48 ڪلاڪن اندر ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هو شاهراه ڀٽو تي ڪم جي پيش رفت کان مطمئن آهي ۽ شاهراه ڀٽو ايندڙ مهيني عوام لاءِ مڪمل طور تي کوليو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔