واشنگٽن: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سعودي عرب جي مالي مدد اهم آهي، جيڪا ٻاهرين مالي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.ناڻي واري وزير عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار جي اجلاسن جي موقعي تي موڊيز جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ معاشي صورتحال ۽ عالمي مالي منڊين ۾ واپسي جي حڪمت عملي تي بحث ڪيو ويو.ان موقعي تي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان يورو بانڊ جي ادائيگي ڪاميابي سان مڪمل ڪئي آهي، ۽ قرض ڏيندڙن جون سڀئي ذميواريون وقت تي پوريون ڪيون پيون وڃن.هن چيو ته سعودي عرب جي مالي مدد اهم آهي، جيڪا ٻاهرين مالي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.ان کان علاوه، ناڻي واري وزير عالمي مالي منڊين تائين ٻيهر رسائي لاءِ وچولي مدت جي حڪمت عملي تي روشني وڌي، جڏهن ته ناڻي واري وزير جاري علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ توانائي جي شعبي ۾ حڪومت جي قدمن جو به ذڪر ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔