لاهور: دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت لاهور ۾ 9 مئي جي باهه ۽ گهيراءُ جي پنجن ڪيسن ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي عبوري ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت فواد چوڌري جي حاضري کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت عبوري ضمانت جي درخواستن ۾ 7 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کان دليل طلب ڪيا.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج منظر علي گل عبوري ضمانت جي ٻڌڻي ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔