ڀارت جي ليجنڊري گلوڪاره آشا ڀوسلي 92 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري وئي

ممبئي:   ڀارت جي ليجنڊري گلوڪاره آشا بهوسلي 92 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري وئي. ڀارت ميڊيا موجب 92 ورهين جي ليجنڊ گلوڪاره جي ڇنڇر جي ڏينهن طبيعت خراب ٿيڻ تي ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب آشا بهوسلي کي سيني  ۾ انفيڪشن سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، آشا بهوسلي جي فوتگي ڪيترن ئي عضون جي ڪم ڇڏڻ سبب ٿئي.

ليجنڊ گلوڪاره جي پٽ آنند بهوسلي جو چوڻ آهي ته آشا بهوسلي جون آخري رسمون سڀاڻي شام جو ادا ڪيون وينديون، انهي جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر پوٽي زناني بهوسلي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي شيئر ڪئي هئي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو هو ته منهنجي ڏاڏي، آشا بهوسلي کي انتهائي ٿڪن ۽ سيني ۾ انفيڪشن سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

انهي سان گڏ ئي زناني خاندان جي پرائيويسي(رازداري) جو احترام ڪرڻ به درخواست ڪئي وئي هئي ۽ اهو چيو ويو هو ته ليجنڊ گلوڪاره جو علاج جاري آهي اميد آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو اسان انهي حوالي سان اوهان کي اپ ڊيٽ ڪندا رهنداسين.

ياد رهي ته آشا بهوسلي بالي ووڊ ۾ ڪيترائي مشهور  گيت ڳايا آهن جڏهن ته گلوڪاره کي 2000 ۾ دادا صاحب بهالڪي ايوارڊ ۽ 2008 ۾ پدم وبهوشن جيڪو ڀارت جو ٻيو سڀني کان وڏو شهري ايوارڊ آهي انهي سان به نوازيو ويو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔