ڪراچي: موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ ڪراچي ۾ تيز برسات جو ڪو به امڪان ناهي، پر ڪجهه علائقن ۾ بوندا باندی ٿي سگهي ٿي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي اڄ جزوي طور تي ڪڪر رهندو ۽ ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا باندی جو امڪان آهي.موسميات کاتي چيو ته اڄ شهر ۾ تيز برسات جو ڪو به امڪان ناهي، اولهه جون هوائون ڏکڻ اوڀر طرف وڌي رهيون آهن، هي سسٽم ملڪ جي ٻين حصن ۾ 4 اپريل تائين اثرائتو رهندو.ان کان علاوه، شهر جي مختلف علائقن ۾ رات دير تائين برسات جاري رهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙي به پئي.ايئرپورٽ، شاهه فيصل، ملير، گلستان جوهر، لياقت آباد، نيو ڪراچي، جهانگير روڊ، گرو مندر، يونيورسٽي روڊ، ناردرن بائي پاس، گارڊن، سرجاني ٽائون ۽ اورنگي ٽائون ۾ به برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ڪجهه هنڌن تي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته گلستان جوهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو، اهڙي طرح 2 ڏينهن ۾ برسات دوران حادثن سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 7 ٿي ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔