سريلنڪا جو مهيش ٿيڪشنا پي ايس ايل جو حصو بڻجي ويو

ڪراچي : سريلنڪن مهيش ٿيڪشنا پاڪستان سپر ليگ جو حصو بڻجي ويو آهي.پي ايس ايل ٽيم حيدرآباد ڪنگزمين ٿيڪشنا سان معاهدو ڪيو آهي.ٽيم پاران اوٽيل بارٽمن جي متبادل طور ٿيڪشنا سان معاهدو ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 جي نئين شيڊول جو اعلان ڪيو آهي.پي سي بي جي اعلان موجب، پي ايس ايل 11 جو ميلو 39 ڏينهن تائين جاري رهندو، جنهن ۾ فائنل سميت ڪل 44 ميچ کيڏيا ويندا.

تبصرے بند ہیں۔