جنگ کٽي چڪا آهيون، حدف حاصل ڪرڻ تائين واپس نه وينداسين: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران ۾ پنهنجون ڪارروايون انهي وقت تائين جاري رکندو جيستائين سمورا حدف مڪمل نٿا ٿي وڃن.ڪينٽڪي ۾ هڪ وڏي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ايران جي خلاف جنگ ۾  اهم ۽ فتح ڪندڙ برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ٽرمپ چيو ته آمريڪي فوج جا ايران تي حملا جاري آهن. آپريشن ايپڪ فيوري جي شروعات جي پهرين ئي ڪلاڪ ۾ جنگ جو رخ تبديل ٿي ويو هو. ٽرمپ موجب آمريڪي ڪارروائين ۾ ايران جا 58 جهاز تباهه ڪيا ويا. جڏهن ته بارودي سرنگون وڇائيندڙ 31 ٻيڙن کي به تباهه ڪيو ويو.

آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪي فوج هڪ ئي رات ۾ آبنائي هرمز  ۾ وڇايل بارودي سرنگن کي صاف ڪري ڇڏيو ۽ ايراني بحريه کي سمنڊ ۾ موثر انداز ۾ ناڪاره بنائي ڇڏيو. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ايران جي ايئر فورس مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي، انهي جا ريڊار سسٽم به تباهه ڪيا ويا آهن.

ٽرمپ چيو ته آمريڪي ڪارروائين کان پوءِ  ايران جي طرفان ٿيل ڊرون حملن ۾ 98 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ٽرمپ موجب ايران جي ايٽمي صلاحيت کي به نشانو بنائي ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آمريڪا انهي جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي پر فوري طور تي ايران مان نڪرڻ جو ارادو نه آهي ڇو ته واشنگٽن نٿو چاهي ته  ڪجهه سالن کان پوءِ ٻيهر اتي مداخلت ڪرڻي پئي.

پنهنجي خطاب ۾ ٽرمپ اڳوڻي آمريڪي صدر براڪ اوباما کي به تنقيد جو نشانو بنايو ۽ چيو ته جيڪڏهن اوباما جي دور ۾ ايران سان ايٽمي معاهدو ختم نه ڪيو وڃي ها ته موجوده صورتحال پيدا نه ٿئي ها. ريلي جي دوران هڪ دلچسپ واقعو  به پيش آيو جڏهن ٽرمپ جي پٺيان بيٺل هڪ سپورٽر اوچتو بيهوش ٿي ويو. آمريڪي صدر فوري طور تي پنهنجو خطاب روڪي ڇڏيو ۽ طبي عملي کي گهرائڻ  جي هدايت ڪئي.

ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ آمريڪي معيشت جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي ته گذريل 11 مهينن ۾ آمريڪا ۾ 18 ٽريلين ڊالرن جي سرمائيڪاري ٿي  آهي. جڏهن ته جوبائيڊن جي چئن سالن جي دور ۾ صرف هڪ ٽريلين ڊالر جي سرمائيڪاري ٿي هئي. هن 2021 جي صدارتي چونڊن جو ذڪر ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر  ڌانڌلي جا الزام ورجايا ۽ چيو ته ڌاڌنلي باوجود مون رڪارڊ ووٽ حاصل ڪيا هئا.

تبصرے بند ہیں۔