وزيراعظم شهباز شريف پاران برادر ملڪن ترڪي ۽ آذربائيجان تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف برادر ملڪن آذربائيجان ۽ ترڪي تي تازن حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايڪس تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام سان گڏ بيٺو آهي.هن چيو ته پاڪستان اهڙين ڪاررواين جي سخت مذمت ڪري ٿو جيڪي وڌيڪ تڪرار جو سبب بڻجي سگهن ٿيون ۽ خطي جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. پاڪستان سڀني ڌرين کي صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪري ٿو. وزيراعظم شهباز شريف زور ڏنو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ تڪرار گهٽائڻ ۽ ڳالهين کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي.

تبصرے بند ہیں۔