واپاري خسارو وڌي 2.98 ارب ڊالر ٿي ويو

ڪراچي : 26 فيبروري ۾ واپاري خسارو 8.4 سيڪڙو وڌي 2.98 ارب ڊالر ٿي ويو.رپورٽ موجب ملڪ جو واپاري خسارو هلندڙ مالي سال جي پهرين اٺن مهينن ۾ 25 سيڪڙو وڌي 25 ارب ڊالر کان وڌي ويو.فيبروري 2026 ۾ برآمدات 25.6 سيڪڙو گهٽجي 2.27 ارب ڊالر ٿي ويون، جڏهن ته اٺن مهينن دوران برآمدات 7.3 سيڪڙو گهٽجي 20.46 ارب ڊالر ٿي ويون.شماريات بيورو موجب، فيبروري ۾ درآمدات 5.25 ارب ڊالر هيون. هلندڙ مالي سال جي اٺن مهينن ۾ درآمدات ۾ 8.1 سيڪڙو واڌ ٿي، پر مهيني جي بنياد تي 9.5 سيڪڙو ۽ سالياني بنياد تي 1.6 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

تبصرے بند ہیں۔