ڪراچي: ايران تي حملي بعد، جن عرب ملڪن ۾ آمريڪي اڏا يا اثاثا آهن، انهن تي ايران ميزائيل حملا ڪيا آهن. انهن ملڪن ۾ بحرين ۾ آمريڪي نيوي جي پنجين فليٽ جي هيڊ ڪوارٽر تي ميزائيل فائر سبب وڏو ڌماڪو ٻڌو ويو آهي، ڪويت، قطر، رياض، اردن، ابو ظهبي ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا آهن، پر اڃا تائين نقصان جو پتو ناهي پيو.
رائٽرز ۽ اي ايف پي موجب گڏيل عرب امارتن، ڪويت ۽ قطر پنهنجيون فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن.
روس جي صدر ولاديمئر پيوٽن جي قريبي ساٿي دمتري ميدويديو چيو آهي ته امريڪا ايران کي ايٽمي ڳالهين ۾ مصروف رکي ان کي ’ڪور اپ‘ طور استعمال ڪيو آهي.
ايراني ميڊيا موجب صدر مسعود پزشڪيان آمريڪي حملن ۾ محفوظ آهي.
تهران ۾ مختلف جاين تي ڌماڪا ٻڌا ويا آهن ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ڌماڪن جا اطلاع آهن.
بحرين، قطر ۽ يو اي اي ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ ايران پاران فائر ڪيل بيلسٽڪ ميزائيل فضا ۾ ئي تباهه ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. يو اي اي چيو آهي ته ابو ظهبي تي فائر ڪيل ميزائيل فضا ۾ تباهه ڪرڻ بعد ملبو رهائشي علائقي ۾ ڪريو جنهن سبب هڪ ايشيائي شهري فوت ٿي ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔