تهران : آمريڪا ۽ اسرائيل اوچتو ايران تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ تهران سميت مختلف شهرن ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيآ آهن. ايراني ميڊيا موجب، ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ يونيورسٽي اسٽريٽ ۽ ڊيموڪريٽڪ ايريا تي ڪيترائي اسرائيلي ميزائل ڪريا آهن. هي آمريڪا ۽ اسرائيل جو گڏيل حملو آهي، ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته تهران جي ٻاهرين علائقن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تان دونھين جا گهاٽا ڪڪر اڀرندي ڏٺا ويا آهن، ۽ هڪ افراتفري واري صورتحال نظر اچي رهي آهي. ٻئي طرف، اسرائيل جو چوڻ آهي ته ايران تي اڳواٽ حملا شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسرائيلي دفاع واري وزير پڻ ان جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيل جي ايران تي حملي کان پوءِ، اسرائيل ۾ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسرائيلي هوائي حدون پڻ بند ڪيون ويون آهن ۽ شهرين کي هوائي اڏن تي نه اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موجوده صورتحال ۾، قطر ۾ آمريڪي سفارتخاني جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پناهه گاهه ڏانهن وڃن. آمريڪي سفارتخاني چيو آهي ته قطر ۾ آمريڪي شهري ايندڙ اطلاع تائين پناهه گاهه ۾ رهن. قبضي هيٺ يروشلم ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا آهن. اسرائيل ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي شهرين کي ايندڙ اعلان تائين تهه خانن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔