ماسڪو : پرڏيهي ميڊيا موجب روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف پنهنجي بيان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجا اختلاف حل ڪن.سرگئي لاوروف اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن درخواست ڪئي وڃي ته پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ ثالثي تي غور ڪري سگهجي ٿو.ٻئي طرف، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ اهو مناسب آهي ته اهي پنهنجا اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪن ۽ ايران ڳالهين کي آسان بڻائڻ ۽ باهمي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
تبصرے بند ہیں۔