تربت: اڻڄاتل ماڻهن جو گهر تي حملو، خاندان جا 6 ڄڻا مارجي ويا

تربت:  اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، تربت تحصيل جي بليدا علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هڪ گهر تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ڇهه ماڻهو موقعي تي ئي مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ هڪ ننڍڙو ٻار به شامل آهي.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز موقعي تي پهچي ويون. لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.پوليس چيو ته حملي آورن جي ڳولا لاءِ علائقي کي گهيري ۾ آندو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔