نميبيا خلاف ٽاس کٽي پاڪستان جي بيٽنگ جاري، برسات جو خدشو

ڪولمبو:  ايس ايس سي ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ پاڪستان ۽ نميبيا ۾ اهم ميچ کيڏيو پيو وڃي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ميچ دوران برسات ٿي سگهي ٿي. پاور پلي جي آخري اوور جي پهرين بال تي صائم ايوب 14 رنز ٺاهي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو.، ان وقت ٽيم جو اسڪور 40 هو. سلمان آغا ٻن ڇڪن ۽ 3 چوڪن سان 23 بالن تي 38 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو، جنهن بعد خواجا نافع کي بالر پنهنجي بال تي ڪيچ ڪيو. ان بعد شاداب خان آيو جنهن صاحبزاده فرحان سان گڏ اسڪور اڳتي وڌايو. جيڪڏهن پاڪستان ميچ کٽي يا برسات سبب ميچ نه ٿي هڪ پوائنٽ به پاڪسٿتن کي مليو ته سپر ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو. پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. شاهين آفريدي ۽ ابرار احمد کي ريسٽ ڏنو ويو آهي ۽ سندن جاءِ تي سلمان مرزا ۽ خواجا نافع کي کيڏايو پيووڃي. ان کان اڳ نئين دلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي گروپ جي آخري ميچ ۾ گڏيل عرب امارات کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي گروپ ۾ ٽاپ تي اچي وئي آهي. ٽاس کٽي فاتح ٽيم اڳ م فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. يو اي اي جي ٽيم 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا 4 وڪيٽن جي نقصان تي 40 بال باقي هئا ته ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو.

تبصرے بند ہیں۔