اسلام آباد: سريلنڪا، آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. هن 3 ميچ کيڏيا ۽ ٽئي کٽيا آهن ۽ گروپ بي ۾ 6 پوائنٽس سان ٽاپ تي آهي. ان کان اڳ انگيلنڊ، اٽلي کي 24 رنز تان شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ويسٽ انڊيز، ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت به ڪواليفاءِ ڪري چڪا، گروپ ڊي ۾نيوزيلينڊ ۽افغانستان جي هڪ هڪ ميچ باقي آهي، نيوزيلينڊ اڱاري تي ڪئناڊا سان کيڏندو ۽ افغانستان ڪئناڊا سان 19 فيبروري تي کيڏندو. جيڪڏهن نيوزيلينڊ هارايو ۽ افغانستان وڏي ليڊ سان کٽيو ته پوءِ ٻنهي مان هڪ جو سپر ايٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ريٽنگ جي بنياد تي ٿيندو پر جيڪڏهن نيوزيلينڊ ميچ کٽي ورتو ته افعانستان گروپ ڊي ۾ سپر ايٽ کان رهجي ويندو. پاڪستان جو هڪ ميچ نميبيا سان 18 فيبروري تي منجهند اڍائي وڳي ٿيندو، جيڪڏهن اهو کٽيو ته پاڪستان به ڪواليفاءِ ڪري ويندو، جيڪڏهن هارايو ته پوءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي ريٽنگ جي بنياد تي فيصلو ٿيندو آمريڪا 4 ميچ کيڏي چڪو سندس 4 پوائنٽ آهن ۽ هن وقت ريٽنگ ۾ پاڪستان کان اڳتي آهي. آسٽريليا 3 ميچ کيڏيا آهن جن مان ٻه هارايا آهن ۽ هڪ ميچ عمان سان 20 فيبروري تي ٿيندو، زمبابوي جا 2 ميچ رهيل آهن، اڱاري تي آئرلينڊ ۽ 19 فيبروري تي سريلنڪا سان کيڏندو. جيڪڏهن هڪ به ميچ زمبابوي کٽي ورتوته آسٽريليا سپرايٽ مان آئوٽ ٿي ويندو ۽ زمبابوي سپر ايٽ ۾ اچي ويندو. جيڪڏهن زمبابوي ٻئي رهيل ميچ هارائي ۽ آسٽريليا رهيل ميچ کٽي ته پوءِ ٻنهي جو ريٽنگ تي فيصلو ٿيندو.
تبصرے بند ہیں۔