ورلڊ ڪپ ۾ وڏو اپ سيٽ: آسٽريليا کي زمبابوي هٿان شڪست

ڪولمبو: ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ زمبابوي اڳوڻي عالمي چيمپيئن آسٽريليا کي 23 رنز تان شڪست ڏئي ٽورنامنٽ جو وڏو اپ سيٽ ڪيو آهي. ڪولمبو جي پريماداسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾، آسٽريليا ٽاس کٽي زمبابوي خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. مچل مارش جي غير موجودگي ۾ آسٽريلوي ٽيم جي اڳواڻي ٽريوس هيڊ ڪري رهيو آهي.پهرين بيٽنگ ڪندي، زمبابوي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن تي 169 رنسون ٺاهيون، ماروماني 35، رين بريل 35، اوپنر برائن بينٽ 64 ۽ ڪپتان سڪندر رضا 25 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.170 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي، آسٽريليا جي ٽيم 20 هين اوور ۾ 146 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا جو ٽاپ بيٽنگ آرڊر ناڪام ٿي ويو، اوپنر جوش انگلس 8 ۽ ڪپتان ٽريوس هيڊ 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ون ڊائون ڪيمرون گرين ۽ چوٿين نمبر تي آيل ٽم ڊيوڊ زيرو تي آئوٽ ٿيا، گلين ميڪسويل 31 ميٽ رنشا 65 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ٻيو ڪو به پليئر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿيو. زمبابوي جي بليسنگ مزراباني 4، بريڊ ايونز 3 وڪيٽون ورتيون، ويلنگٽن مساڪازادا ۽ ريان ٻوري هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ٽاس کان پوءِ ڳالهائيندي ٽريوس هيڊ چيو ته اسٽيو سمٿ اڃا تائين هتي نه پهتو آهي، هو ٻه ڏينهن اڳ تائين گولف کيڏي رهيو هو، آسٽريليا جي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، ڪوپر ڪونولي ۽ زيويئر بارٽليٽ جي جاءِ تي بين ڊوارسيئس ۽ ٽم ڊيوڊ کي شامل ڪيو ويو آهي.زمبابوي جي ڪپتان سڪندر رضا چيو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ خراب ناهي، اهو وقت سان گڏ سست ٿيندو، اسان هڪ اضافي اسپنر سان ميدان ۾ لهنداسين، برينڊن ٽيلر، جنهن 2007 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ وننگ شاٽ کيڏي آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي، ميچ ۾ حصو نه وٺي سگهندو.ان کان علاوه، احتياط جي طور تي اڄ رچرڊ نگاراوا کي آرام ڏنو ويو آهي ۽ مونيونگا کي سندس جاءِ تي شامل ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔