چيڪ باؤنس ڪيس: اداڪار راجپال گرفتاري پيش ڪري ڇڏي

ممبئي : بالي ووڊ اداڪار راجپال ياديو، جيڪو پنهنجي مزاحيه اداڪاري لاءِ مشهور آهي، دهلي هاءِ ڪورٽ طرفان وڌيڪ وقت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ تهاڙ جيل ۾ اختيارين آڏو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي.راجپال ياديو خميس ڏينهن دهلي جي تهاڙ جيل ۾ پاڻ کي پيش ڪيو. جيل اختيارين تصديق ڪئي ته هن خميس ڏينهن شام 4 وڳي جيل اختيارين آڏو سرينڊر ڪيو. هاڻي جيل انتظاميا معياري طريقيڪار موجب ڪارروائي ڪندي.54 سالن جي اداڪار عدالت کان هڪ هفتي جو وڌيڪ وقت گهريو هو، اهو موقف اختيار ڪندي ته هن 50 لک هندستاني رپين جو بندوبست ڪيو آهي ۽ ان کي ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت جي ضرورت آهي، پر عدالت هن دليل سان مطمئن نه ٿي سگهي.عدالت ريمارڪس ڏنا ته هي عدالت ڪنهن فرد لاءِ صرف ان بنياد تي خاص رعايتون يا شرطون پيدا ڪرڻ جي اميد نٿي رکي ته هو ڪنهن خاص پس منظر يا صنعت سان تعلق رکي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن نرمي ضروري ٿي سگهي ٿي، پر مسلسل عدم تعميل جي صورت ۾ ان کي غير معين مدت تائين نه ٿو وڌائي سگهجي.

تبصرے بند ہیں۔