ڪراچي جي روڊن جي بحالي لاءِ 13 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي جي روڊن جي بحالي لاءِ 13 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ روڊن جي بحالي بابت هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي ميئر شهر ۾ 409 خراب روڊن جي مرمت جي نشاندهي ڪئي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته 7 ضلعن ۾ 400 روڊن کي پيچ ڪيو ويندو ۽ 9 کي مڪمل طور تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو. روڊن، سيوريج ۽ پاڻي جي فراهمي جي منصوبن جي ڪل لاڳت 12.57 ارب رپيا هوندي. ان موقعي تي مراد علي شاهه شهر جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ 21.53 ارب رپيا، ڪراچي جي روڊن جي بحالي لاءِ 13 ارب رپين جي گرانٽ ۽ 24 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن لاءِ مالي مدد جي منظوري ڏني. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عوامي سهولت ۽ شهري تحفظ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، روڊن جي بحالي سان آمدورفت ۾ بهتري ايندي ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو. ترجمان موجب مراد علي شاهه ڪي ايم سي کي شهر جي 26 وڏين روڊن جي بحالي جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ناڻي کاتي کي به هدايت ڪئي آهي ته اهي سڀئي منصوبا شفاف، معياري ۽ وقت سر مڪمل ڪن ۽ فنڊ فوري طور تي جاري ڪن.

تبصرے بند ہیں۔