سعودي وزير جي اورنگزيب سان ملاقات، اقتصادي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد: وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب سعودي سيڙپڪاري وزير خالد الفالح سان ملاقات ڪئي آهي.بيان موجب، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري ۽ جاري منصوبن جي پيش رفت جو جائزو ورتو ويو.سعودي قيادت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي اعتماد جو اظهار ڪيو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادارتي تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو ويو، ٽيڪنيڪل ٽيمن جي ويجهي رابطي ذريعي گڏيل ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ۽ پاڪستان-سعودي اقتصادي ڀائيواري کي نئين گنجائش ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.بيان موجب، ملاقات ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ باهمي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

تبصرے بند ہیں۔