ڪراچي : ڪراچي جي نئين سبزي منڊي ۾ هڪ دڪان ۾ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.فائر برگيڊ عملدارن موجب، نئين سبزي منڊي ۾ دڪانن ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع مليو، باهه شروعات ۾ شيڊن ۾ لڳي، جنهن کان پوءِ ڪي ايم سي فائر ٽينڊر کي باهه وسائڻ لاءِ موڪليو ويو.فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻن گاڏين باهه وسائڻ ۾ حصو ورتو ۽ باهه تي مڪمل طور تي ضابطو آندو ويو.فائر برگيڊ عملدارن موجب باهه هڪ سبزي فروش جي دڪان ۾ لڳي، باهه لڳڻ جو سبب معلوم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته دڪان ۾ باهه لڳڻ جو شروعاتي سبب شارٽ سرڪٽ آهي.
تبصرے بند ہیں۔