ڪراچي: ٽن خانگي ڪمپنين گئس جي وڪرو جي لائسنس لاءِ درخواست ڏني آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپنيون سوئي ناردرن ۽ سدرن نيٽ ورڪ استعمال ڪندي گئس وڪڻڻ چاهين ٿيون.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته خانگي ڪمپنيون گئس فيلڊن مان سڌو سنئون گئس خريد ڪرڻ ۽ ان کي صارفين کي وڪڻڻ چاهين ٿيون.آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) چيو ته درخواستون باضابطه طور تي ٻڌڻي لاءِ قبول ڪيون ويون آهن. گئس جي وڪرو جي لائسنس تي عوامي ٻڌڻي 16 جنوري تي ٿيندي.
تبصرے بند ہیں۔