ڪراچي : پاڪستاني اداڪارا مهر بانو آخرڪار پنهنجي ازدواجي زندگي بابت گردش ڪندڙ افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي، ۽ واضح ڪيو آهي ته هوءَ هن وقت شادي شده ناهي.مهر بانو ۽ شاهه رخ ڪاظم علي 2022ع ۾ شادي ڪئي. مهر بانو هڪ باصلاحيت ۽ بولڊ پاڪستاني اداڪاره آهي، جيڪا ڊرامن ۽ فلمن ۾ پنهنجي بي خوف ڪردارن لاءِ مشهور آهي. هن اهو انڪشاف انسٽاگرام تي سوال ۽ جواب جي سيشن دوران ڪيو، جتي هڪ پرستار کانئس پڇيو، “ڇا توهان شادي شده آهيو؟” جنهن تي مهربانو هڪ سادو ۽ واضح جواب ڏنو “نه.” سندس مختصر پر واضح جواب ڪيترن ئي مهينن کان هلندڙ قياس آرائين جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي جيڪي سوشل ميڊيا ۽ مداحن جي حلقن ۾ تيز ٿي ويون هيون.
تبصرے بند ہیں۔