اسلام آباد : پهرين جنوري کان اسلام آباد ۾ بغير ايم ٽيگ گاڏين جي داخلا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان ميمڻ موجب، گهرو وزير محسن نقوي جي هدايتن تي بغير ايم ٽيگ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايم ٽيگ حاصل ڪرڻ لاءِ شهر جي مختلف هنڌن تي 16 پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن.
ڊي سي اسلام آباد مطابق، 14 نومبر کان هن وقت تائين لڳ ڀڳ هڪ لک گاڏين کي ايم ٽيگ جاري ڪيا ويا آهن.
عرفان ميمڻ چيو ته بغير ايم ٽيگ گاڏين جي سڃاڻپ ٽيگ ريڊرز جي مدد سان ڪئي ويندي، ۽ اهي ٽيگ ريڊرز مختلف داخلا پوائنٽن ۽ ناڪابندين تي نصب ڪيا ويا آهن.
ڊپٽي ڪمشنر موجب، پهرين جنوري کان ٽيگ ريڊرز کي باقاعدي طور فعال ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔