اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ وڏي تيزي رڪارڊ

ڪراچي:  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن واپار جي شروعات ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڏي تيزي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ 1000 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو هينڊريڊ انڊيڪس 171,579 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.اهو ياد رکڻ گهرجي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي آخر ۾، انڊيڪس 133 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 170,313 پوائنٽس تي بند ٿيو هو

تبصرے بند ہیں۔