باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد، وزيراعظم جي سخت لفظن ۾ مذمت

باجوڙ:  باجوڙ جي تعلقي سالارزئي جي علائقي تنگي ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

رپورٽ موجب اڻڄاتل دهشتگردن جي فائرنگ سبب پوليو مهم جي سيڪيورٽي تي مقرر هڪ پوليس اهلڪار سجاد ۽ هڪ شهري شهيد ٿي ويو.

ڊي پي او وقاص رفيق چيو ته علائقي ۾ ڳري نفري رواني ڪئي وئي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن. علائقي ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

وزيراعظم دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ تخريبڪارن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي. ويراعظم چيو ته قوم جي لاءِ پوليو کان بچاءُ جي مهم ۾ اهم خدمت ڏيندڙن تي حملو انتهائي افسوسناڪ آهي. ملڪ مان پوليو جي خاتمي تائين پوليو مهم پوري تحريڪ سان جاري رهندي.

تبصرے بند ہیں۔