واٽس ايپ هيڪ ٿيڻ بابت اين سي سي آءِ جي صلاح

ڪراچي: نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) صارفين کي واٽس ايپ هيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ ايمرجنسي پروٽوڪول بابت اهم هدايت جاري ڪئي آهي.
اين سي سي آءِ اي موجب، جيڪڏهن توهان جو واٽس ايپ هيڪ ٿي وڃي ۽ توهان پنهنجي اڪائونٽ تائين رسائي وڃائي ويهو، يا توهان کي شڪ هجي ته ڪو ٻيو ماڻهو ان کي استعمال ڪري رهيو آهي، ته فوراً واٽس ايپ کي اَن انسٽال (Uninstall) ڪري وري ٻيهر انسٽال ڪريو ۽ ري رجسٽر ڪريو.
واٽس ايپ ۾ لاگ ان ٿيڻ لاءِ پنهنجو فون نمبر داخل ڪريو، توهان کي ايس ايم ايس ذريعي 6 انگن وارو ڪوڊ ملندو، اهو فوراً داخل ڪريو.
اين سي سي آءِ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪوڊ داخل ڪرڻ سان هي فائدو ٿيندو ته ڪوڊ وجهڻ سان ئي هيڪر جي موبائل مان توهان جي واٽس ايپ فوراً لاگ آئوٽ ٿي ويندي، ڇاڪاڻ⁠ته واٽس ايپ هڪ وقت ۾ صرف هڪ ئي موبائل تي ايڪٽو رهي سگهي ٿي.
عملدارن موجب، جيڪڏهن هيڪر “ٽو اسٽيپ ويريفڪيشن” آن ڪري ڇڏي آهي ۽ توهان کي PIN معلوم نه آهي، ته واٽس ايپ توهان کي 7 ڏينهن انتظار ڪرڻ جو چئي سگهي ٿي، ان 7 ڏينهن جي انتظار کان بلڪل به پريشان نه ٿيو.
جيستائين توهان ايس ايم ايس ڪوڊ (اسٽيپ 1) داخل ڪري ڇڏيو آهي، هيڪر لاگ آئوٽ ٿي چڪو هوندو. ان انتظار دوران نه ڪو توهان جو اڪائونٽ استعمال ڪري سگهندو ۽ نه ئي پيغام پڙهي سگهندو.
عملدارن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان اڳ ۾ پنهنجي اي ميل ايڊريس لنڪ ڪئي هئي، ته “Forgot PIN” تي ڪلڪ ڪريو ۽ انتظار ڪرڻ کان سواءِ فوراً پنهنجو PIN ري سيٽ ڪريو.

 

تبصرے بند ہیں۔