بي پي ايل لاءِ 9 قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري

لاهور: بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) لاءِ 9 قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هاڻي تائين اين او سي لسٽ کي اپڊيٽ ڪيو آهي.قومي ڪرڪيٽرن کي 23 جنوري 2026 تائين بي پي ايل لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.محمد نواز، حسين طلعت، احسان الله، حيدر علي، ابرار احمد، خواجه نافي، سلمان ارشاد، فهيم اشرف ۽ صاحبزاده فرحان کي اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.بنگلاديش پريميئر ليگ 26 ڊسمبر کان 24 جنوري تائين کيڏي ويندي.

تبصرے بند ہیں۔