اسلام آباد: يورپي يونين پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ڪميونٽيز جي لاءِ 30 لک يورو جي اضافي هنگامي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
يورپي يونين جي هنگامي امداد پنجاب جي اهڙن علائقن ۾ خرچ ڪئي ويندي جيڪي تازي سانوڻي ۾ بدترين تباهي جو شڪار ٿيا آهن.
يورپي يونين طرفان فراهم ڪيل اها امداد روڪ مدد جي صورت ۾ ڏني ويندي ته جيئن سخت متاثر ماڻهن جون بنيادي ضرورتون فوري طور تي پوريون ڪري سگهجن.
يورپي يونين طرفان سيپٽمبر ۾ به 10 لک 50 هزار يورو فراهم ڪيا ويا هئا جيڪي صحت، صاف پاڻي، صفائي ۽ ٻين ضروري خدمتن جي لاءِ استعمال ٿيا.
هلندڙ سال جي سانوڻي برساتن سبب سموري ملڪ ۾ تقريبن 70 لک ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته 29 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، ٻوڏ سبب هزار کان وڌيڪ فوتگيون رپورٽ ٿيون ۽ 2 لک کان وڌيڪ گهرن سميت زرعي ايراضي ۽ فصلن کي به سخت نقصان پهتو.
يورپي يونين اختيارين ٻڌايو ته هلندڙ سال سانوڻي پاڪستان جي لاءِ انتهائي تباهي آڻيندڙ رهيو. پنجاب کي گذريل 40 سالن جي بدترين ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. ماڻهن جا گهر، سامان فصل ۽ چوپايو مال به لڙهي ويو.
اختيارين موجب يورپي يونين جي اها امداد اسان جي عالمي يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته اها امداد متاثر خاندانن جي لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿيندي. تازو امداد کان پوءِ يورپي يونين طرفان هلندڙ سال پاڪستان کي ملندڙ امداد هڪ ڪروڙ 45 لک يورو کان ٽپي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔