ٽوڪيو: انسان کي وهنجارڻ جي محنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ جاپان جي هڪ ڪمپني 15 منٽن ۾ جسم کي ڌوئڻ ۽ خشڪ ڪندڙ(هيومن واشنگ مشين) متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.
ڪمپني جو نالو سائنس ڊاٽ انڪ آهي جنهن جي جديد واشنگ انسان کي صرف 15 منٽن جي اندر پوري طرح ڌوئي خشڪ ڪري ڇڏيندي آهي.
اهو پنهنجي نوعيت جو خودڪار ڪيپسول آهي جنهن جي رونمائي سڀني کان پهريان 2025 جي(اوساڪا ايڪسپو) ۾ ٿي هئي هاڻ انهي کي عوامي استعمال جي لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي. انهي جي استعمال جو طريقو آسان آهي مشين جي کلندڙ دراز يعني ڪيپسول نما پوڊ ۾ ليٽي وڃو، انهي جو ڍڪڻ پاڻمرادو بند ٿي ويندو ۽ مشين خودڪار انداز ۾ صابڻ جي جهاڳ ۽ پاڻي جي هلڪي ڦوهار سان پوري جسم کي صاف ڪري ڇڏيندي. انهي کان پوءِ گرم هوا جي ذريعي اوهان جو سمورو جسم خشڪ ڪيو ويندو.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته مشين انهي دوران اوهان جي دل جي ڌڙڪن ۽ ٻين نشانين جي نگراني به ڪندي آهي، انهي کان علاوه اکين کي وڻندڙ روشني ۽ پرسڪون موسيقي جو به انتظام ٿيل آهي ته جيئن نه صرف جسم پر ذهن کي به سڪون ملي.
ڪمپني موجب اها مشين خاص طور تي اهڙن ماڻهن جي لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي جيڪي معذوري يا وڌندڙ عمر سبب پاڻ وهنجي نٿا سگهن. انهي سان گڏوگڏ اهي ماڻهو به انهي مان فائدو کڻي سگهن ٿا جيڪي مصروف زندگي سبب پاڻ غسل لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگهن. انهي کان علاوه انهي کي هوٽل ري هيبليٽيشن سينٽرز ۽ نرسنگ هومز ۾ به استعمال جي تجويز ڏني پئي وڃي.
هيومن واشنگ مشين جي قيمت تقريبن 60 ملين ين(تقريبن 985.000 آمريڪي ڊالر) رکي وئي آهي، ڪمپني محدود تعداد يعني تقريبن 50 يونٽس وڪرو ڪندي. پهرين يونٽ کي هڪ هوٽل خريد ڪري ورتو آهي جڏهن ته وڏي اليڪٽرانڪس ريٽيلر Yamada Denkiانهي کي پنهنجي اسٽورز تي نمائش جي لاءِ رکڻ جو ارادو رکي ٿي.
تبصرے بند ہیں۔