واشنگٽن : آمريڪي عدالت ٽرمپ انتظاميا کي واشنگٽن ڊي سي ۾ فوج موڪلڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي وفاقي عدالت جي جج ٽرمپ انتظاميا کي راڄڌاني واشنگٽن ۾ نيشنل گارڊ جي مقرر روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي.رپورٽ موجب، جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته صدر ڪنهن به سبب جي ڪري فوج نه ٿو موڪلي سگهي.عدالت حڪومت کي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ لاءِ 21 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي، جنهن کان پوءِ فيصلو لاڳو ٿيندو.عدالت جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي، آمريڪي انصاف واري کاتي چيو ته ان کي حڪومت جي ايگزيڪيوٽو آرڊر کي معطل ڪرڻ جو ڪو به سبب نظر نٿو اچي.
تبصرے بند ہیں۔