قومي ڪرڪيٽرن کي مختلف ليگز لاءِ اين او سي جاري

لاهور: قومي ڪرڪيٽرن کي مختلف ليگن لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽرن کي ابوظهبي ۾ ٽي 10 ليگ ۽ آئي ايل ٽي ٽي 20 لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ابوظهبي لاءِ اين او سي 25 نومبر تائين صحيح آهن ۽ 2 ڊسمبر کان 4 جنوري تائين دبئي ٽي 20 ليگ لاءِ 3 ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.دبئي ٽي 20 ليگ لاءِ فخر زمان، حسن نواز ۽ نسيم شاهه کي اين او سي جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته افتخار احمد، خواجه نافي، آصف علي، سلمان ارشاد، محمد عامر، عرفات منهاس، عرفان خان، اعظم خان، شاهنواز دهاني، عباس آفريدي، عاڪف جاويد، مير حمزه، عبيد شاهه ۽ زمان خان کي ابوظهبي لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.واضح رهي ته بابر اعظم، محمد رضوان، شاهين آفريدي، شاداب خان، حارث رئوف ۽ حسن علي اڳ ئي بگ بيش ليگ (بي بي ايل) لاءِ اين او سي حاصل ڪري چڪا آهن.

تبصرے بند ہیں۔