جاپان ۾رڇ ڀڄائڻ لاءِ ڀونڪڻ وارن ڊرونز جو استعمال

ٽوڪيو: جاپان ۾ رڇن جي آبادي اٺوڻ تي وڌي وئي آهي، جن کي ڀڄائڻ لاءِ ڪتي وانگر ڀونڪدڙ ڊرونز جو استعمال شروع ڪيو آهي. جاپاڻي حڪومت جو چوڻ آهي ته ان جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن. حڪومتي انگن اکر موجب رڇن جي انسانن تي حملا وڌي ويا آهن، ٻه درجن کان مٿي ماڻهو سندن حملن ۾ مارجي ويا آهن ۽ 200 کان مٿي زخمي ٿيا آهن. جهنگلي رڇ باغن کي به وڏي پيماني تي نقصان پهچائي رهيا آهن. هڪ فروٽ فارم جي ڊائريڪٽر ماساهيڪو اماڪي جو چوڻ آهي ته ڊرونز ۾ وڏا اسپيڪر لڳايا ويا آهن ۽ جڏهن هو رڇن جي ويجهو وڃي ڊرونز ڪتن جيان ڀونڪن ٿا ته رڇ پوئتي هٽي ٿا وڃن. ڪجهه ڪمپنيون اهڙا ڊرونز ڪرائي تي به فراهم ڪري رهيون آهن.

تبصرے بند ہیں۔