اسلام آباد: پاڪستان افغانستان سان گڏ سرحدون اڻڄاتل مدي لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ٻطرفي ڇڪتاڻ ۾ اضافي سبب طالبان اختيارين جي افغان واپارين کي وارننگ ڏني وئي آهي ته اهي پاڪستان تي ڀاڙڻ ختم ڪري ٻين ملڪن سان واپار ڪن.
اختيارين نجي چينل کي ٻڌايو ته حڪومت انهي فيصلي سان ڪابل کي چٽو پيغام ڏنو آهي ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي خاتمي لاءِ پڪا قدم کڻڻ تائين واپار ۽ ٻين سرگرمين لاءِ سرحدون نه کلنديون.
رپورٽ موجب پاڪ افغان سرحدن جي بندش کي هڪ مهيني کان وڌيڪ جو وقت ٿي چڪو آهي جنهن سبب ٻنهي طرفن کان هزارين ٽرڪ ۽ ڪنٽينرز ڦاٿل آهن هن وقت سرحدي گذر گاهون صرف انساني بنيادن تي کليل آهن جيڪي افغان پناهگيرن ۽ سرحدن تي ڦاٿل ماڻهن جي واپسي تائين محدود آهن. هڪ سينئر آفيسر ٻڌايو ته اسان جي لاءِ واپار ۽ معيشت کان وڌيڪ اهم پنهنجن ماڻهن جون حياتيون آهن جنهن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ٿئي سگهي.
تبصرے بند ہیں۔