مليريا خلاف نئين اثرائتي دوا جو تجربو ڪامياب ٿي ويو

ٽو‌رونٽو: مليريا خلاف نئين اثرائتي دوا ايجاد ٿي وئي آهي. نووارٽس ڪمپني آفريڪا ۾ ڪلنيڪل ٽرائلز ۾ بهترين نتيجو ڏنو آهي. تقريباً چوٿائي صدي کان مليريا جي علاج لاءِ هڪ ئي قسم جي دوا تي ڀروسو ڪيو ويندو رهيو آهي. آرٽيميسينن تي ٻڌل گڏيل علاج (Artemisinin-based Combination Therapies – ACTs)، جيڪي آرٽيميسينن يا ان جي نڪتل جزن کي “ساٿي دوا” سان گڏ استعمال ڪن ٿيون، جيڪي تمام گهڻيون اثرائتيون رهيون آهن، پر Plasmodium falciparum، جيڪو مليريا جو سڀ کان خطرناڪ قسم جو پيراسائيٽ آهي، هاڻي آهستي آهستي آرٽيميسينن جي دوا خلاف مزاحمت پيدا ڪري رهيو آهي. هاڻي دنيا کي شايد پنهنجي سڀ کان مهلڪ بيمارين مان هڪ مليريا جي خلاف هڪ نئون هٿيار ملي ويو آهي. آفريڪا ۾ هڪ وڏي ڪلينڪل ٽرائل ۾، نووارٽس ڪمپني پاران تيار ڪيل نئين دوا KLU156 اهو ڏيکاريو آهي ته اها مليريا جي علاج ۾ عام طور استعمال ٿيندڙ ACT جيتري ئي مؤثر دوا آهي. هارورڊ ٽي. ايڇ. چان اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي مليريا ماهر ديان ورٿ چيو، “هي هڪ انتهائي اهم اڳڀرائي آهي.” هو هن تحقيق جو حصو نه هو پر سندس چوڻ آهي ته “اسين ڊگهي عرصي کان اهڙي نئين دوا جي تلاش ۾ هئاسين.”ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻي هڪ اهم بحث اڳتي وڌندو. ڇا نئين دوا کي تڏهن استعمال ڪيو وڃي، جڏهن موجوده ACT ناڪام ٿيڻ شروع ٿئي، يا ان کان اڳ ئي، ته جيئن اهڙي حالت کان بچي سگهجي.

تبصرے بند ہیں۔