آءِ ايم ايف بورڊ اجلاس طلب، 1.2 ارب ڊالر جي قسط ملڻ جو امڪان

اسلام آباد:عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ايگزيڪٽو بورڊ گڏجاڻي جي شيڊول جو ڪلينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان کي قرض جي فوري قسط جي منظوري لاءِ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس 8 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي قسط جي منظوري ڏني ويندي، پاڪستان کي اي ايف ايف قرض پروگرام جي تحت هڪ ارب ڊالر ملندا، جڏهن ته ڪلائميٽ فنانسنگ جي مد ۾ به 20 ڪروڙ ڊالر جاري ڪيا ويندا. معاهدي جي تحت هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي رقم 9 ڊسمبر تي پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان ٻنهي پروگرامن جي تحاسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ايگزيڪٽو بورڊ گڏجاڻي جي شيڊول جو ڪلينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان کي قرض جي فوري قسط جي منظوري لاءِ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس 8 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي قسط جي منظوري ڏني ويندي، پاڪستان کي اي ايف ايف قرض پروگرام جي تحت هڪ ارب ڊالر ملندا، جڏهن ته ڪلائميٽ فنانسنگ جي مد ۾ به 20 ڪروڙ ڊالر جاري ڪيا ويندا. معاهدي جي تحت هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي رقم 9 ڊسمبر تي پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان ٻنهي پروگرامن جي تحت گڏيل ادائيگيون تقريبن 3.3 ارب ڊالر تائين پهچي وينديون.بورڊ اجلاس کان اڳ پاڪستان کان اميد ڪئي پئي وڃي ته اهو گورننس ۽ ڪرپشن ڊائيگناسٽڪ(جي سي ڊي) اسيسمنٽ رپورٽ شايع ڪندو، جيڪا اي ايف ايف جي تحت هڪ اهم ساختي بينچ مارڪ آهي. انهي معيار جي آخري تاريخ جولاءِ جي آخر تي مقرر هئي جنهن کي بعد ۾ آگسٽ ۽ پوءِ آڪٽوبر جي آخر تائين وڌايو ويو، پر اڃان تائين پوري نه ٿي سگهي، دير سبب پاڪستان جي اختيارين ۽ آءِ ايم ايف جي ماهرن وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ حقيقتن تي ٻڌل اختلاف ٻڌايا ويا آهن. اختيارين موجب هاڻ اختلاف ختم ڪيا ويا آهن پاڪستان يقين ڏياريو آهي ته رپورٽ بورڊ اجلاس کان اڳ شايع ڪئي ويندي.

ت گڏيل ادائيگيون تقريبن 3.3 ارب ڊالر تائين پهچي وينديون.بورڊ اجلاس کان اڳ پاڪستان کان اميد ڪئي پئي وڃي ته اهو گورننس ۽ ڪرپشن ڊائيگناسٽڪ(جي سي ڊي) اسيسمنٽ رپورٽ شايع ڪندو، جيڪا اي ايف ايف جي تحت هڪ اهم ساختي بينچ مارڪ آهي. انهي معيار جي آخري تاريخ جولاءِ جي آخر تي مقرر هئي جنهن کي بعد ۾ آگسٽ ۽ پوءِ آڪٽوبر جي آخر تائين وڌايو ويو، پر اڃان تائين پوري نه ٿي سگهي، دير سبب پاڪستان جي اختيارين ۽ آءِ ايم ايف جي ماهرن وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ حقيقتن تي ٻڌل اختلاف ٻڌايا ويا آهن. اختيارين موجب هاڻ اختلاف ختم ڪيا ويا آهن پاڪستان يقين ڏياريو آهي ته رپورٽ بورڊ اجلاس کان اڳ شايع ڪئي ويندي.

تبصرے بند ہیں۔