پي سي بي پاران سيزن 2025-26 لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 2025-26 سيزن لاءِ ميچ آفيشلز پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 2025-26 سيزن لاءِ پي سي بي جي انٽرنيشنل پينل ۾ ميچ ريفري علي نقوي شامل آهن، جڏهن ته امپائر آصف يعقوب، فيصل آفريدي، راشد رياض ۽ سليمه امتياز شامل آهن، پي سي بي جي ايليٽ پينل آف آفيشلز ۾ ڪل 18 امپائر ۽ 10 ميچ ريفري شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته امپائرن جي ڪارڪردگي تي ويجهي نظر رکڻ لاءِ، سپليمينٽري پينل کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ سپليمينٽري پينل 1 ۾ 14 امپائر ۽ سپليمينٽري پينل 2 ۾ 24 امپائر شامل آهن، ساڳي طرح، ميچ ريفريز جي سپليمينٽري پينل ۾ 10 ريفري شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ملڪ بھر مان 40 امپائرن کي پي سي بي ايمرجنگ پينل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، قابل ذڪر آهي ته ميچ آفيشلز پينل ۾ 13 عورت امپائرن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ سليمه امتياز جو نالو اهم آهي، پي سي بي موجب، نون پينلز جي جوڙجڪ جو مقصد ملڪ ۾ امپائرنگ ۽ ميچ ريفريز جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔