اسلام آباد : پي ايس ايل 10 سيريز اڄ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿي رهي آهي. جنهن ۾ 6 ٽيمون شامل آهن جيڪي 11 اپريل کان 18 مئي تائين 34 ميچ کيڏنديون. ڪهڙي ٽيم ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا رانديگر شامل آهن، اچو ته ان تي نظر وجهون.
اسلام آباد يونائيٽيڊ
هي ٽورنامينٽ جي دفاع ٽيم آهي. شاداب خان جي ڪپتاني ۾ هن ٽيم ۾ 7 بيٽر، 7 آل رائونڊر ۽ 6 بالر شامل آهن. اعظم خان، حيدر علي، صاحبزاده فرحان، ريسي وين در دسن، ڪولن منرو، ميٿيو شارٽ ۽ اينڊريز غوث شامل آهن. آل رائونڊرز ۾ شاداب خان، سلمان آغا، جيسن هولڊر، عماد وسيم، محمد نواز، محمد شهزاد ۽ سعد مسعود شامل آهن. بالرن ۾ نسيم شاهه، حنين شاهه، سلمان ارشاد، رومان رئيس، بين دوارشس ۽ رلي ميريڊٿ شامل آهن.
ڪراچي ڪنگز
هي ٽيم ڪافي بيلنس لڳي رهي آهي. 9 بيٽرز شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ عرفان نيازي، لٽن داس، محمد رياض الله، عمير يوسف، ٽم سيفرٽ، شان مسعود، ڪپتان ڊيوڊ وارنر، جيمز ونس ۽ ڪين وليمسن شامل آهن. 4 آل رائونڊر، عامر جمال، فواد علي، خوشدل شاهه ۽ محمد نبي شامل آهن. جڏهن ته بالرز ۾ عباس آفريدي، عرفات منهاس، حسن علي، ايڊم ملني، مير حمزه ۽ زاهد محمود شامل آهن.
ملتان سلطان
هن ٽيم ۾ 8 بيٽر شامل آهن، جن ۾ ڪپتان محمد رضوان، افتخار احمد، طيب طاهر، شي هوپ، جانسن چارلز، عثمان خان، ياسر خان ۽ محمد عامر برڪي شامل آهن. آل رائونڊرز ۾ مائيڪل بريسويل، ڊيوڊ ولي، ڪامران غلام ۽ شاهد عزيز شامل آهن. بالرز ۾ عاڪف جاويد فيصل اڪرم، ڪرس جورڊن، جوش لٽل، محمد حسنين، گدا ڪوش موٽلي، عبيد شاهه ۽ اسامه مير شامل آهن.
ڪوئٽه گليڊيئيٽرز
فن ايلن، مارڪ چيپمين، ابرار احمد، محمد عامر، ريلي روسو، اڪيل حسين، محمد وسيم جونيئر، سعود شڪيل، فهيم اشرف، خواجه نافع، عثمان طارق، حسيب الله خان، خرم شهزاد، محمد ذيشان، دانش عزيز، ڪسل مينڊس، شان ايبٽ، ڪائيل جيميسن، حسن نواز شامل آهن.
پشاور زلمي
پي ايس ايل جو ٽاپ اسڪورر ۽ ڪپتان بابر اعظم، صائم ايوب، ٽام ڪوهلر ڪئڊمور، محمد حارث، ڪوربن بوش، محمد علي، حسين طلعت، ناهيد رانا، عبدالصمد، عارف يعقوب، مهران ممتاز، سفيان مقيم، ميڪس برائنٽ، نجيب الله زدران، احمد دانيال، الزاري جوزف، علي رضا، معاذ صداقت شامل آهن.
لاهور قلندرز
فخر زمان، شاهين آفريدي، ڊيرل مچل، حارث رؤف، سڪندر رضا، ڪسل پي ري را، عبدالله شفيق، جهان داد خان، زمان خان، ڊيوڊ ويسي، آصف آفريدي، آصف علي، محمد اخلاق، رشاد حسين، محمد نعيم، سلمان علي مرزا، ٽام ڪرن، مومن قمر، محمد عذب شامل آهن.

اگلی پوسٹ