پاکستان-آمريڪا المنائي نيٽ ورڪ جي سالياني تقريب: آمريڪي ايڪسچينج پروگرامز جي سماج تي ھاڪاري نتيجن جو جشن.

ڪراچي : پاڪستان-آمريڪا المنائي نيٽ ورڪ – ڪراچي باب جي سالياني تقريب ۾ آمريڪي حڪومت طرفان هلايل تعليمي، پيشوراڻي مھارتن سان سلھاڙيل فردن ۽ انگريزي ٻولي جي پروگرامز ۾ شرڪت ڪندڙ لڳ ڀڳ 200 پاڪستاني المنائي شريڪ ٿيا.

هن تقريب ۾ آمريڪا پاران ھلندڙ سماجي مٽاسٽا جي پروگرامزجي ھاڪاري اثرن کي اجاگرڪيو ويو ۽ سنڌ ۽ بلوچستان

۾ المنائي نيٽ ورڪ جي ڪارڪردگي ۽ سندن گڏيل ڪوششن ۽ ڪاميابين جو جشن ملهايو ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل، اسڪاٽ اربام، پاڪستان-آمريڪا المنائي نيٽ ورڪ (پوآن) پاران سماج ۾ جاري خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو، "هن هال ۾ موجود ماڻهن کي ڏسي مون کي اهي سرواڻ شخصيتون نظر اچن ٿيون، جيڪي تعليم، ميڊيا، عوامي صحت، ماحولياتي تحفظ، آرٽس ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ تبديليون آڻي رهيا آهن. توهان جون ڪوششون، خواه اهي ماحولياتي تحفظ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هجن، انساني حقن جو دفاع ڪرڻ ھجي، يا ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نواڻ ھجي، ثقافتي تبادلن جا ھي پروگرام ھڪ بهترين مثال آهن.”

هن سالياني تقريب پوآن جي ميمبرن کي هڪ ٻئي سان تجربن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪيو، ته ڪيئن آمريڪي ايڪسچينج پروگرامز انهن جي پيشوراڻي ۽ ذاتي زندگين ۾ تبديلين جو سبب بڻيون آھن.

هن تقريب ۾ اهو به ڄاڻايوو ويو ته آمريڪي حڪومت جا ھي پروگرام ڪھڙي ريت ھنن ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستانين کي مختلف شعبن ۾ اهم ڪردارادا ڪرڻ لاءِ بااختيار بڻائي رهيا آهن.

پوآن، دنيا ۾ آمريڪي حڪومت طرفان هلندڙ سڀ کان وڏن المنائي نيٽ ورڪ مان هڪ آهي، جنهن جا 44,000 کان وڌيڪ ميمبر آمريڪي حڪومت جي تعليمي، انگريزي ٻولي ۽ ٻين پيشوراڻي تبادلي وارن پروگرامز ۾ شرڪت ڪري چڪا آهن.

آمريڪي حڪومت انهن ايڪسچينج پروگرامز تي هر سال 8.5 ارب کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا سيڙپڪاري ڪري ٿي، جنهن سان 500 کان وڌيڪ پاڪستانين کي آمريڪا ۾ تعليمي ۽ پيشوراڻي تجربن حاصل ڪرڻ جا موقعا ملن ٿا.

ان کان علاوه، هر سال ملڪ ۾ هزارين پاڪستانين کي انگريزي ٻولي جي تربيت پڻ ڏني وڃي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔