خبردار! 7 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ ڪندڙ موتمار بيماري کي دعوت ڏين ٿا

هڪ منفرد ۽ ڊگهي تحقيق سان پتو پيو آهي ته روز 7 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ سان هاءِ بلڊ پريشر جا امڪان وڌي ويندا آهن.
طبي ويب سائيٽ موجب ماهرن دنيا جي 6 مختلف ملڪن جي 16 تحقيقن جو جائزو ورتو ۽ انهن لکين ماڻهن جي صحت کي جاچيو.
سموريون تحقيقون سال 2000 کان 2023 تائين ڪيون ويون هيون ۽ ماهرن 10 لک رضاڪارن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جو جائزو ورتو.
ماهرن تحقيقن جو مطالعو ڪري نتيجو ڪڍيو ته روز 7 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ سان هاءِ بلڊ پريشر جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تحقيق جو حصو رهندڙ ايراني پروفيسر موجب 7 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ ڪندڙ ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان 7 سيڪڙو تائين وڌي ويندا آهن، جڏهن ته 5 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ ڪرڻ سان اهي امڪان 11 سيڪڙو تائين پهچي ويندا آهن.
ماهرن تجويز ڏني ته هاءِ بلڊ پريشر کان بچڻ لاءِ روز 8 ڪلاڪن تائين ننڊ ڪرڻ گهرجي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته امڪاني طور ڊپريشن، شراب واپرائڻ، سگريٽ ڇڪڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري ماڻهن کي سمجهڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن ۽ ننڊ جي کوٽ هاءِ بلڊ پريشر جو ڪارڻ بڻجندي آهي، جنهن سان اڌ رنگ ۽ دل جي مرضن جو خطرو هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔