قومي ٽيم جي ڪپتاني لاءِ بابر اعظم جو نالو ٻيهر گردش ڪرڻ لڳو

لاهور: چيئرمين پي سي بي محسن نقوي جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪپتان جي مقرري تي تبصرن کانپوءِ نئين ڪپتان بابت افواهون تيز ٿي ويون آهن، قومي ٽيم جي ڪپتاني جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جو نالو گردش ڪرڻ لڳو آهي.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي بااختيار حلقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بابر اعظم کي ڪپتان بڻائڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اڳوڻي ڪپتان سان پي سي بي اختيارين جي رابطن جا به اطلاع آهن.ذريعن موجب قومي ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ ۾ شرڪت لاءِ ايبٽ آباد روانگي کان اڳ بابر اعظم جي بورڊ عملدارن سان ملاقات جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.اڳوڻي ڪپتان جي ويجهن ذريعن موجب کيس ڪپتان بڻائڻ جون خبرون سامهون آيون آهن پر بابر اعظم اڃا تائين ڪپتاني جي آڇ قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو آهي. ويجهن ذريعن موجب جيڪڏهن بابر اعظم کي ڪپتاني جي آڇ ڪئي وئي ته هو مختلف رخن تي غور ڪندو.ذريعن موجب چيئرمين پي سي بي محسن نقوي ڪپتاني جو فيصلو سليڪشن ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔