سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پبلڪ سروس ڪميشن اميدوارن جا انٽرويوز لائيو اسٽريم ذريعي وٺڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ايس پي ايس سي کي اميدوارن کان انٽرويوز لائيو اسٽريم ذريعي وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نتيجا پڌرا ڪرڻ دوران پاس توڙي فيل اميدوارن جي مارڪن سميت سمورا تفصيل واضح طور جاري ڪيا وڃن، اڄ نئين مڪينزم بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري عدالت کي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي، ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته هاڻي گهڻو ٿي ويو

سڀ خبر آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وٽ امتحان وٺڻ ۽ ملازمتون ڏيڻ جي حوالي سان ڪهڙو مڪينزم جڙيل آهي، ان ڪري اداري جي ساک بچائڻ لاءِ عملدارن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. رپورٽ موجب حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز سميت مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ مقصود احمد، عبدالباري، سڪندر سميت 30 کان وڌيڪ اميدوارن وڪيل سجاد احمد چانڊيو ۽ ارشد علي پٺاڻ معرفت پٽيشنز داخل ڪرايون هيون. عدالت پاران طلب ڪرڻ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحاني ڪنٽرولر ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا

پٽيشنز تي ٻڌڻي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪئي. وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميونسپل عملدارن جي ڀرتين دوران لاڳاپيل عدالتن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ بدران ميرٽ جي سڌي ريت لتاڙ ڪري ملازمتون اهل اميدوارن کي ڏيڻ بدران پنهنجا نواز پاليسي ۽ سياسي اثر رسوخ تي ڏنيون. وڪيلن عدالت کي اها به آگاهي ڏني ته ڀرتي ٿيل ميونسپل عملدارن سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصويرن سان گڏ ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ بااثر ماڻهن جون تصويرون شيئر ڪيون جنهن مان ائين لڳو ته ملازمتون اداري بدران کين سندن بنگلن ۽ اوطاقن تي ڏنيون ويون آهن. جسٽس شمس الدين عباسي رمارڪس ڏنا ته ڇا نوڪرين ۾ ايم اين ايز يا ايم پي ايز جي ڪا ڪوٽا رکيل هئي، جيڪڏهن ائين آهي ته  عملدار عدالت کي آگاهه ڪن

امتحاني ڪنٽرولر عدالت کي آگاهي ڏني ته ايس پي ايس سي معزز عدالتن جي حڪمن کانپوءِ هاڻي امتحان ۾ شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ لکت واري ٽيسٽ ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائي ٿي جڏهن ته اميدوارن جي جاري نتيجن توڙي ٻين معاملن ۾ پڻ سڌارا آندا پيا وڃن. عدالت عملدارن کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته اوهان جي لاپرواهي سبب اهل اميدوار سفر پيا ڪن ان لاءِ اداري جي ساک بچائڻ ۽ اميدوارن کي احتجاجن کان روڪڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي. وڪيلن ايس پي ايس سي جي عملدارن جي دعويٰ کي رد ڪندي ڄاڻايو ته سپريم ڪورٽ توڙي لاڳاپيل عدالتن جي حڪمن باوجود سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس توڙي فيل اميدوارن جون مارڪون اڃا تائين ظاهر نه ٿي ڪري جنهن ڪري هر ڀيري ٿيندڙ امتحان توڙي جاري ڪيل نتيجا تڪراري ٿيو وڃن

پٽيشنرز سان ميونسپل عملدارن جي ڀرتين دوران به ايس پي ايس سي ايئن ئي ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ اداري جي ويب سائيٽ تان ڪجهه نتيجا ڏٺا، ان دوران 119 سيريل کان 200 تائين لڳ ڀڳ اميدوارن کي هڪ جيتريون مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويو آهي

جسٽس امجد علي سهتو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اداري کي ڪاپي پيسٽ بدران شفافيت برقرار رکڻ گهرجي ان لاءِ اوهان کي نئين مڪينزم جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي ان تي عمل کي يقيني بڻائي اڄ نوٽيفڪيشن جي ڪاپي سان گڏ 11 وڳي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب جمع ڪرائجو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا سيڪنڊري اسڪول ٽيچر وارو پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا سيڪنڊري اسڪول ٽيچر وارو پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي، جڏهن ته پوليس پاران معاملي جي باضابطه طور جاچ شروع ڪندي معطل ٿيل 6 ملازمن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ماتحت ايس ايس ٽي بي پي ايس 16هين جي ڀرتين لاءِ ٿيندڙ امتحان دوران هڪ ڏينهن اڳ پيپر ليڪ ٿيو جنهن کانپوءِ انتظاميا شروعاتي طور اسسٽنٽ ڪنٽرولر سميت 8 ملازم معطل ڪري سڄي سنڌ ۾ رٿيل پيپر به ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو

سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران فل ڪميشن جي منظوري بعد معاملي جي جاچ لاءِ 2 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ رضوان احمد ۽ محمد عارف حنيف کي ميمبر طور مقرر ڪندي کين پابند بڻايو ويو آهي ته هو معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪري 24 ڪلاڪن دوران پنهنجي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي کي سيڪريٽري ايس پي ايس سي پاران اهو به حڪم ڏنو ويو آهي ته بي پي ايس 16 لاءِ 15 فيبروري کان 19 فيبروري تائين جنرل ڪيٽيگري ميل سائيڊ تي ٿيل پيپرن جي به جاچ ڪري ته جيئن حقيقتون سامهون اچڻ بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي کي اثرائتو بڻائي سگهجي

ٻئي طرف معطل ڪيل اسسٽنٽ امتحاني ڪنٽرولر سميت 8 ملازمن کي تحويل ۾ وٺڻ واري معاملي تي پوليس پاران لاعلمي جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي اڃا تائين پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڪا تصديق ڪئي آهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته معطل ٿيل اسسٽنٽ امتحاني ڪنٽرولر هڪ زينل عالم ۽ هڪ ملازم جو اڃا تائين پوليس بيان رڪارڊ ناهي ڪيو پر باقي معطل ٿيل سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر ساجد چاولي، احسان ظهير ابڙو، نائب قاصد خان محمد شاهه، اڪبر علي ڏاهري، شاهزيب جعفري، عزيز احمد ۽ شاهزيب ابڙو مان 6 ملازمن جا بيان به رڪارڊ ڪري ورتا آهن

ذريعن اها به تصديق ڪئي ته ملازمن جي زير استعمال موبائيل فون ضبط ڪيا ويا آهن جن جي فارينزڪ ڪرائي ويندي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا کين درخواست ڏني هئي ته معاملي جي جاچ ڪئي وڃي جنهن بعد انهن معاملي جي باضابطه طور جاچ شروع ڪئي آهي ۽ هاڻي ملازمن کان ورتل بيانن جي آڌار تي واقعي جو ڪيس به داخل ڪيو ويندو جڏهن ته اسسٽنٽ امتحاني ڪنٽرولر ۽ هڪ ملازم کان پڻ بيان ورتا ويندا. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا کان معاملي جي جاچ بابت اڳڀرائي جي حوالي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انتظامي عملدارن فون اٽينڊ نه ڪيو جنهن ڪري سندن موقف سامهون ناهي اچي سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔