ملڪ ۾ ٻوڏ سان تباهي ، سوين ماڻهو اجل جو شڪار، فصل تباهه ، وستيون اجڙي ويون

ڪراچي: پاڪستان ۾ چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي ، ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ بلوچستان  صوبو متاثر ٿيو آهي .

لسٻيلي ۽ نوشڪي سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي .ڪوئيٽا، بولان ، زوب، دڪي، خضدار ، ڪوهلو ، ڪيچ . مستونگ ، هرنائي ۽ قلعا سيف الله ۾ ٻوڏ موت جو پيغام بڻجي وئي . برسات دوران مختلف حادثن ۾ 120 ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن.

بلوچستان ۾ نقصان بابت پي ڊي ايم اي پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي . بلوچستان ۾ برساتن دوران 70 ماڻهو مختلف حادثن ۾ زخمي ٿي پيا . بلوچستان ۾ برساتن دوران 12 هزار 320 گهر ڊهي پيا .

خيبر پختونخواهه ۾ به برساتن ۽ ٻوڏ تباهي آندي آهي . مهمند، ٽانڪ ۽ ڊي آءِ خان سميت صوبي جا مختلف علائقا سخت متاثر ٿيا آهن .مهمند ۾ ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو ، ڪچا ڪمرا ۽ ديوارون ڪري پيون. ريسڪيو اهلڪارن ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي .

ٽانڪ جي سرڪل ڪنڊيان ۾ ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب شهري گهرن ۾ بند ٿي ويا ، زميني رابطو به ڪٽيل آهي، کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي .

گندو پاڻي پيئڻ جي ڪري ڊائريريا جو مرض وڌي ويو . ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي پهاڙ پور جي مختلف علائقن  ۾ ٻوڏ جو پاڻي تيزي سان داخل ٿي رهيو آهي ، ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

تخت ڀائي ۾ اڄ چوٿين ڏينهن به وقفي وقفي سان چوماسي جو وسڪارو ٿي رهيو آهي ، برسات جي پاڻي ماڻهن جي ڏکيائين کي وڌائي ڇڏيو .

پنجاب به ٻوڏ جي ڪري گهڻو متاثر ٿيو آهي ، ڊي جي خان ، اوچ شريف ، صادق آباد ۽ راجن پور ۾ به ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي . ڊيرا غازي خان ۽ تونسا شريف ۾ به ٻوڏ وستيون اجاڙي ڇڏيون آهن ، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ، هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي يار و مددگار ٿي ويا آهن ، 10 ماڻهو ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن ،گهر ڊهڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن .

ڊيرا غازي خان ۾ ٻوڏ سبب هڪ لک پنجهتر هزار ايڪڙ فصل کي نقصان پهتو . ضلعي انتظاميا شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي . ٻوڏ سبب 8 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ، متاثر علائقن ۾ 21 رابطي وارا روڊ تباهه ٿي ويا .

سنڌ صوبي ۾ به چوماسي جي برساتن ۾ رڪارڊ واڌ نظر آئي آهي . سنڌڙي تعلقي ۾ برساتن فصل تباهه ٿي ويا ، ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿي ويا .آبادگارن جا فصل ۽ گهر پاڻي ۾ لڙهي ويا ، مال به مري ويو .

ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ چوماسي جي ٽين اسپيل زندگي جي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي . مرڪزي روڊ رستا ندين نالن جو منظر پيش ڪري رهيا آهن ، پاڻي هيٺاهين گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي . طوفاني برساتن سبب انتظاميا کي هڪ ڏينهن لاءِ سڀئي اسڪول ۽ آفيسون به بند ڪرڻيون پيون .

موسميات کاتي موجب هلندڙ مهيني جي 26 تاريخ تي پاڪستان ۾ مجموعي طور تي سراسري کان 192 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي آهي ، پاڪستان ۾ جولاءِ ۾ سراسري برسات 51.5 ملي ميٽر ٿيندي آهي پر هن سال اها 150.1 ملي رهي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔