عابد علي جي طبيعت ڪيئن آھي؟پي سي بي جو بيان جاري

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽيسٽ ڪرڪيٽر عابد علي جي صحت بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي، قائد اعظم ٽرافي جي ميچ دوران عابد علي کي اوچتو سيني ۾ سور ٿيو، جنهن سبب کيس خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو

پي سي بي جي عهديدار موجب عابد علي جي حالت هاڻي بهتر آهي، جڏهن ته سندس وڌيڪ ٽيسٽون به جاري آهن

ٻئي طرف اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته عابد علي جي اي سي جي نارمل ٿي آهي، ان جي دل جي عضلات ۾ پروٽين جي موجودگي جو ٽيسٽ منفي آيو آهي، جڏهن ته اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته سندس هن وقت هن جو ايڪو ٽيسٽ ٿي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔