سيمي فائنل ۾ پهتا آهيون پر ڪم اڃا مڪمل ناهي ٿيو: بابر اعظم

دبئي : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هڪٻئي پويان ڪاميابين کي به اڻ پورو قرار ڏئي ڇڏيو. بابر اعظم ٽوئيٽر تي ٽيم جون ٻه تصويرون شيئر ڪيون ۽ چيو فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي پر اڃا ڪم مڪمل ناهي ٿيو.
سندس موجب اهو سڀ وڌيڪ ڪوششن، وڌيڪ ڌيان، وڌيڪ ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ وڌيڪ عزم سان ٿي رهيو آهي،
اسان جو ڌيان هڪ وقت ۾ هڪ راند تي آهي.
واضح رهي ته قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽوئنٽي ۾ دنيا جو نمبر ون بيٽسمين بڻجي
ويو آهي، هن انگلينڊ جي ڊيوڊ ملان کان پهرين پوزيشن کسي بيٽسمينن ۾ پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔